دهلوي شاهه غلام محمد

دهلوي، شاهه غلام محمد: شاهه غلام محمد دهلوي، صوفي شاهه عنايت جو همعصر صوفي بزرگ ٿي گذريو آهي. هن لکنوءَ جي ڳوٺ سرينڊه ۾ جنم ورتو. علم جي حاصلات لاءِ ٺٽي ۾ اچي رهيو ۽ شيخ عنايت الله ٺٽويءَ کان علم پرايائين. هيءُ شيخ عبدالملڪ دکنيءَ جي خدمت ۾ به رهيو ۽ کانئس طريقت جو علم پرائي واپس دهليءَ ويو. صوفي شاهه عنايت (شهيد) سان به سندس تعلق هو. صوفي شاهه عنايت به سيد عبدالملڪ وٽان تصوف جون سخت رياضتون ڪيون هيون. ’صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر‘ ڪتاب جي مصنف موجب سيد عبدالملڪ، شاهه غلام محمد کي صوفي شاهه عنايت جي تعليم لاءِ موڪليو. هن صوفي شاهه عنايت کي ظاهري تعليم ڏني ۽ شاهه عنايت جو روحاني مرتبو ڏسي شاهه غلام محمد سندس استاد هئڻ باوجود سندس مريد ٿيو. شاهه غلام محمد سنڌ ۾ رهي هتي جي اصل باشندن وانگر سنڌ جو خيرخواه ٿيو. کيس سياسي ۽ حڪومتي ڪاروهنوار جي گهڻي ڄاڻ هئي. جڏهن صوفي شاهه عنايت (شهيد) هندستان مان واپس سنڌ آيو ته هيءُ به ان سان گڏ هتي آيو ۽ تصوف توڙي مذهبي رواداريءَ جي سماجي برابريءَ جي فلسفي جي تشهير ڪيائين. هيءُ نهايت اعليٰ درجي جو صوفي ۽ پنهنجي وقت جو جيد عالم هو. جهوڪ واري معرڪي دوران به هيءُ صوفين جي بغاوت ۾ شامل هو. صوفي شاهه عنايت جي شهادت بعد واپس دهليءَ (هندستان) ۾ وڃي رهيو ۽ تصوف جي پرچار جاري رکيائين. سنڌ مان مخدوم عربي هالن واري جي ڀاءُ پير آسات جي اولاد مان، ميان حسين جو پٽ احمد دهلي وڃي سندس خدمت ۾ رهيو. سندس جيئري اوتاري تي ننگر هلندو هو.
هن 12 رجب 1152هه بمطابق 04 آڪٽوبر 1739ع تي وفات ڪئي. سندس مزار شاهجهان آباد، دهلي (هندستان) ۾ آهي، جتي هر سال ميلو لڳندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1739.10.04  عيسوي

هن 12 رجب 1152هه بمطابق 04 آڪٽوبر 1739ع تي وفات ڪئي. سندس مزار شاهجهان آباد، دهلي (هندستان) ۾ آهي، جتي هر سال ميلو لڳندو آهي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

آخوند احمد سانوڻي ھالائي
طالب حسين مغل
ڄام اوٺو
رکيو لنڊ
پوپ جاهن پال
حڪم
ايشوريا راءِ
عبدالهادي مرزا حڪيم
پنهور منظور علي خان
جتوئي شير خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون